حجره حضوري

حجره حضوري: مذهبي اڏاوت واري قسم جو قديم ماڳ، جيڪو ٺٽي جي جامع مسجد جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ ۾ آهي. روايت آهي ته اُتي مخدوم ابو القاسم نقشبندي عبادت ۾ ويهندو هو. مخدوم ابو القاسم ئي ان تي حضوري حجرو نالو رکيو. هيءُ حجرو مسجد کان ٻه سؤ وکن جي فاصلي تي موجود آهي. هتي قائم مسجد 1962ع تائين موجود هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو